ڏوڪري جي جوڙي ڪراچي جي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

0
244

ڏوڪري جي جوڙي ڪراچي جي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب ڏوڪري ٿهيم محلي جي ناري ناهيد ڌيءَ ممتاز علي ٿهيم ڏوڪري جي ڏيرا پاڙي جو رهواسي اعتبار علي پٽ عبدالستار ڏيرو سان ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ پيار پرڻو ڪندڙ جوڙي ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته اسان پنهنجي راز خوشي سان پنهنجي گهران نڪري  پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي ناري ناهيد جو چوڻ هو ته مون کي نه ڪنهن ورغلايو آهي نه ئي ڪنهن اغوا ڪيو آهي مان بالغ وات وڪيل آهيان مان پنهنجي راز خوشي سان گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪيو آهي منھنجا مائٽ بي گناھ منهنجي مڙس اعتبار علي ڏيرو ۽ ان جي ڀائرن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي اسان کي حراسان ڪري رهيا آهن اسان وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اسان عزت ڀري زندگي گذاري سگهون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here