پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 9 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي.
اسيمبلي سيڪريٽريٽ 9 جنوري واري اجلاس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب اسيمبلي جو اجلاس يارنهن جنوري بدران 9 جنوري منجهند 2 وڳي ٿيندو.
ياد رهي ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس پهريان 11 جنوري تي طلب ڪيو ويو هو ۽ ساڳي ئي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ تي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ واري معاملي واري ڪيس جي ٻڌڻي آهي.
ان کانسواءِ مخالف ڌر پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ به جمع ڪرائي ڇڏي آهي.