آرڪيالاجي طرفان عيد جي موقعي تي موهن جو دڙو سميت سنڌ جي 4 ماڳ گهمڻ تي پابندي

0
134

موهن جو دڙو (سمير سومرو) آرڪيالاجي کاتي طرفان عيدالاضحيٰ جي موڪلن دوران سنڌ جا 4 ماڳ مڪان ۽ ميوزيمس 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين ٽن ڏينهن لاء عام ماڻهن لاء بند رکڻ جو فيصلو۔ ان ڏس ۾ ڊي جي نوادرات ۽ سياحت منظور احمد قناصرو جي حڪم تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن  مطابق عيدالاضحيٰ جي 3 ڏينهن جي موڪلن دوران سنڌ جا 4 قديم ماڳن موهن جو دڙو، مڪلي، ڀنڀور ۽ عمرڪوٽ سائيٽس ۽ ميوزيمس 3 ڏينهن تائين عام ماڻهن لاء بند رهندا۔

ان ڏس ۾ ڊي جي منظور قناصرو جو چوڻ آهي ته عيد جي موڪلن ۾ قديم ماڳن تي هزارن جي تعداد ۾ عام ماڻهو تفريح ڪرڻ اچن ٿا جنهن ڪري قديم ماڳن کي سخت نقصان پهچي ٿو۔ هن چيو ته 3 ڏينهن تائين ماڳ بند هجڻ سبب اتي سيڪورٽي انتظام سخت رکڻ لاء پوليس ۽ ملازمن کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔ 

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here