پي ٽي آءِ اي پي اي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گرفتاريءَ خلاف احتجاج

0
186
PTI protest sakrand

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

پي ٽي آءِ اي پي اي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گرفتاريءَ خلاف پي ٽي آءِ سڪرنڊ طرفان ضلعي صدر امام الدين ڪيريو ، نثار پرهياڙ ، راحيل شيخ ۽ ڪامل رند جي اڳواڻيءَ ۾ ھمدرد هائوس کان سڪرنڊ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي۔

ريلي ۾ شريڪ مظاهرين سنڌ حڪومت جي ورتاءَ خلاف شديد نعريبازي ڪري رهيا هئا . ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت کان پي ٽي آءِ جي عوامي مقبوليت برداشت نٿي ٿئي ۽ انتقامي ڪارروارون ڪري رهي آهي، اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪرڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي۔

هنن چيو ته سنڌ حڪومت اهڙين ڪاررواين سان نوجوانن جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي جهڪائي نٿي سگهي، سنڌ جو نوجوان ان سان گڏ آهي هنن چيو ته حليم عادل شيخ کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو احتجاجي ريليءَ ۾ صمد ملاح ، خالد گادي ، حاڪم جمالي ، حاجي ارشد صندلي ، ڌڻي بخش مگسي ، صاحب خان نوناري ۽ ٻيا سوين ڪارڪن موجود هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here