وڳـــــڻ وي اين ايس نـــــيوز
رپورٽر حسن علي مغيري
وڳڻ واسي مغوي 20 ڏينھن گذري ويا پر ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد نٿي سگھيو جيجل امڙ صدمي ۾ بيحال بڻيل وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي بازيابي لاءۡ وس وارن کان مدد جي اپيل، 20 ڏينھن اڳ وڳڻ ٿاڻي جي حد وڳڻ واسي هرکجي اغوا عامر مرکنڊ ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد نٿي سگھيو آھي گھر ۾ قھرام متل امڙ صدمي ۾ بيحال بڻيل ان ڏس ۾ وارثن نوجوان جي بازيابي لاءِ قرآن پاڪ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي ان موقعي تي هنن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته ڌاڙيلن ٻيھر رابطو ڪرڻ ته ڌمڪي ڏيندي چيو آھي ته اسان جا مطالبا جلد ۾ جلد پورا ڪيا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ سندس نينگر جو لاش اوهان اچي سنڌو درياءۡ مان اچي کڻي وڃ جو مغوي جي والد جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ڌاڙيلن اڳ ۾ 25 لک گھريا هيا هاڻي اهي 30 لک ۽ ٻيا سامان بازيابي لاء گھريا اٿن اسان ايس ايس پي لاڙڪاڻي آڏو سراپا احتجاج آھيون پر انتظاميه طرفان ڪو خاطر خواهه جواب نه ملي سگھيو آھي ۽ نه ئي مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آھي شاگرد عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيو جنھن جو موبائل نمبر ٽريس ٿيڻ باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نينگر کي بازياب ڪرايو وڃي۔