وارھ ۾ 24 ڪلاڪن جي اندر 3 کان وڌيڪ ڦرن جي واقعن ۽ وارھ پوليس جي بي حسي خلاف احتجاج

0
200

وارھ : (مظفر قاضي) وارھ ۾ 24 ڪلاڪن جي اندر 3 کان وڌيڪ ڦرن جي واقعن ۽ وارھ پوليس جي بي حسي خلاف وارھ شھري اتحاد جي اڳواڻن مولوي محمد صديق مڱڻيجو، عنايت لاشاري، ايڊوڪيٽ اياز علي کهاوڙ ، نياز حيدري، امام الدين ، ھادي بخش لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وارھ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو۔

ان موقعي تي انھن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وارھ پوليس جي بي وسي ۽ نااهلي سبب ڦورو سرگرم ٿيندي 24 ڪلاڪن ۾ ڦر جون 3 کان وڌيڪ وارداتون ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، هنن مطالبو ڪيو ڦورن کي سوگهو ڪيو وڃي ان سان گڏ نااهل ايس ايڇ او واره کي هٽائي وارھ ۾ امن امان کي يقيني رکيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here