ڏوڪري رپورٽ: قاضي فريد
ڏوڪريءَ ۾ ڊاڪٽر پاران اعلاج ۾ غفلت سبب ارڙهن مھینن جي نينگري فوت، ماءُ پاران ڏوڪري ٿاڻي تي اين سي داخل، گرفتاري بعد ڏوڪري پوليس ڊاڪٽر کي ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو۔ تفصيل موجب ڏوڪري باءِ پاس جي رھواسي عبدالفتاح سولنگي جي ارڙهن مھینن جي نينگري تبسم سولنگي کي بخار ٿيو جنهن کي ڏوڪري جي ڊاڪٽر ڪلياڻ داس آڏواڻي کان اعلاج ورتو جنهن نينگري کي ٿيلهي چاڙهي جنهن بعد نينگري جي طبعت خراب ٿي وئي ۽ فوت ٿي وئي۔
نينگري جي ماءُ ثمينه ماڇي جي فرياد تي ڏوڪري ٿاڻي تي ڊاڪٽر خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي.ڏوڪري پوليس ڏيتي ليتي بعد ڊاڪٽر ڪلياڻ داس آڏواڻي کي شخصي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو۔ ھوڏانھن نينگري جي ماءُ جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر جي غلط اعلاج ڪرڻ سبب منهنجي نياڻي فوت ٿي وئي آهي مونسان انصاف ڪيو وڃي۔