سمارٽ لاڪ ڊائون، اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري شهر ۾ نڪري پيو دوڪان بند ڪرائي ڇڏيا

0
322

ڏوڪري

پوري دنيا جيان ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وبا ٻيهر ڦھلجڻ بعد سمارٽ لاڪ ڊائون، اسٽنٽ ڪمشنر غوث بخش جتوئي ڏوڪري شهر ۾ نڪري پيو دوڪان بند ڪرائي ڇڏيا ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي حڪم تي اسٽنٽ ڪمشنر غوث بخش جتوئي، ايس ايڇ او عبدالرزاق ٽڳڙ، سئينر ڪلارڪ قاضي سڪندر احمد، تپيدار ڪامران ضمير منگي، محمد صفر جتوئي ۽ ٻيو عملو ساڻ ڪري ڪرونا وائرس وبا ڦلهجڻ کان بچاءُ لاءِ شهر جي مخلتف بازارون ۾ نڪري پيو، دوڪاندار کي دوڪان بند ڪرائي ڇڏيا آهن۔

ان موقعي تي اسٽنٽ ڪمشنر غوث بخش جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي حڪم تي ڏوڪري تعلقي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪري رهيا آهيون۔ هن وڌيڪ چيو ته دوڪان صبح جو 6 بجي کان شام 6 بجي تائين کليل رهندا، هن وڌيڪ چيو ته شام جو 6 بجي دوڪان بند نه ڪندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته ايمرجنسي جي حوالي سان ميڊيڪل اسٽور کليل رهندا ۽ سمورا دوڪان بند رهندا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here