ڪشمور ۾ زيادتي جو شڪار نينگري عليشا کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو

0
161

قمبر- رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر- ڪشمور ۾ زيادتي جو شڪار بڻجي ويل معصوم نينگري عليشا کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پ پ شهيد ڀٽو طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جيڪو شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندو شھيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب پهتو جتي ڌرڻو هنيو ويو۔

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن نواب الدين چانڊيو ڪامريڊ شوڪت چانڊيو محمد جان بروهي مير چانڊيو لالا بشير کوسو وقار شابراڻي مشتاق بروهي ۽ ٻين چيو ته ڏينهون ڏينهن معصوم ٻارڙن سان ڏاڍين جي واقعن ۾ واڌ انتهائي شرمناڪ عمل آهي ان سلسلي ۾ حڪومتي سطح تي هن وقت تائين ڪو قانون نه جوڙڻ حڪومت جي نااهلي سميت اهڙن ڏوهارين جي مدد ڪرڻ برابر آهي۔

هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته چائيلڊ اپوزيٽ جي لاءِ جامع قانون جوڙي ملوث جوابدارن خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪندي کين عبرت جو نشان بڻايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here