ڪنڌڪوٽ ۾ پوليو مهم جو باقاعده آغاز

0
204

ڪنڌڪوٽ رپورٹ غفار منگی
ڪنڌڪوٽ ۾ پوليو مهم جو باقاعده آغاز ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي، ڊي ايچ او ڪنڌڪوٽ ڊاڪٽر احسان اڪبر ڏاهاڻي پاران ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم جو آغاز ڪيو ويو۔ مهم 15 کان 19 اگسٽ تائين جاري رهندي۔

ان موقعي تي ڊاڪٽر احسان اڪبر ڏاهاڻي پوليو مهم بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪشمور ضلعي اندر 279292 ٻارن کي پوليو کان محفوظ ڪرڻ لاء پوليو جا ڦڙا ۽ ڪمزوري کان بچاءُ لاء وٽامن اي جا ڪيپسول پڻ ڏنا ويندا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي صحت عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ڪورونا جي ايس او پيز تي عمل ڪندي هر گهر ۽ هر ٻار تائين پوليو جا ڦڙا پهچائين ان معاملي تي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here