راڄوخاناڻي (سفير نظاماڻي ) سلطاني واھ سميت سڄي ضلع بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جي احتجاج جو سلسلو جاري اڄ ٽئين ڏينھن به خالي دلا ۽ مٽ کڻي راڄوخاناڻي ۾ بک هڙتال , خميس 16 جولا۽ تي راڄوخاناڻي کان تلھار پيادل مارچ ڪرڻ جو اعلان۔
سلطاني واه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن شيخاڻي شاخ ٻهرو شاخ مناهڪي شاخ ۽ سميت ضلع جي سمورن واهن ۽ شاخن ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف ضلع بچايو تحريڪ جي سڏ تي پريس ڪلب راڄوخاناڻي اڳيان سلطاني واه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جي سوين آبادگارن خالي دلا مٽ کڻي ٽن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪري سخت نعري بازي ڪئي۔
بک هڙتال تي گڏ ٿيل سوين آبادگارن کي خطاب ڪندي اڳواڻن حنيف نظاماڻي مير عاشق ٽالپر محمد حسن جعفري سفير نظاماڻي شير نظاماڻي اسماعيل قمبراڻي ۽ ٻين چيو ته هن وقت ملڪ جي دريائن ۽ خاص طور سنڌو درياء ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي ڪوٽڙي کان هيٺ چاليھ ھزار ڪيوسڪ پاڻي سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي ان صورتحال باوجود سلطاني واه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي جي سخت کوٽ آهي ايتري قدر جو هاڻ ته ماڻهن ۽ مال جي پيئڻ لاء به پاڻي نه آهي ۽ ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پنهنجا گهر خالي ڪري وڃي رهيا آهن۔
سلطاني واه ۽ شاخن تي هن وقت تائين هزارين ايڪڙ زمين پاڻي نه هئڻ ڪري بنجر بڻيل آهي ۽ جن آبادگارن ساريون ۽ انهن جا ٻيجارا يا ان کان علاوه جيڪي فصل پوکيا آهن اهي به پاڻي نه هئڻ ڪري سڪي سڙي تباه ٿي ويا آهن جنهن سان آبادگارن کي ڪروڙي روپين جو نقصان ٿيو آهي هنن چيو ته اسان کي سال ۾ صرف هڪ سارين جو فصل پوکڻ لاء پاڻي ڏنو ويندو آهي جيڪو به هن سال اسان کي اڃان تائين نه مليو آهي اگر اسان کي سال ۾ هڪ فصل پوکڻ لاء به پاڻي نه ڏنو ويو ته اسان معاشي طور تباه ٿي وينداسين ۽ هتي جا آبادگار ۽ هاري خودڪشون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا اهوئي سبب آهي جو هتي خودڪشن جا واقع وڌي ويا آهن۔
هنن چيو ته پاڻي کوٽ خلاف اسان جو احتجاج جاري رهندو 16 جولائي خميس تي راڄوخاناڻي کان تلهار تائين لانگ مارچ ڪري تلهار ۾ حيدرآڀاد بدين روڊ تي تاريخي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويندو۔