ڏوڪريءَ ۾ هڪ مهيني کان ٽائون آفيسر جي سيٽ خالي ڪم رولڙي جو شڪار

0
219

ڏوڪري: رپورٽ قاضي فريد: ڏوڪريءَ ۾ هڪ مهيني کان ٽائون آفيسر جي سيٽ خالي، ٽائون آفيسر نه هجڻ ڪري ملازمن جون پگهارون ۽ ٻيو ڪم رولڙي جو شڪار، پگهارون نه ٿيڻ خلاف ملازم جي هڙتال، ٽائون آفيسر نه هئڻ ڪري پگهارن سميت ڪيرائي ڪم رڪيل آهن۔ ٽائون چيئرمين لياقت علي سومرو تفصيل موجب ڏوڪريءَ ۾ گذريل هڪ مهيني کان ٽائون آفيسر مقرر نه ٿيڻ سبب ٽائون 181 ملازمن جون پگهارون ۽ شهر جو ٻيو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. ٻئي طرف پگهارون نه ٿيڻ خلاف ٽائون جي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب شهر جي مسئلن جي وڌڻ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڏوڪري ٽائون جي چيئرمين لياقت علي سومري جو چوڻ آهي ته هڪ مهيني کان ٽائون آفيسر جي سيٽ خالي آهي ۽ ملازمن جي پگهارن سميت شهر جا ڪيترائي ڪم اڌ ۾ رڪيل آهن، ڇو ته چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر جي گڏيل سهڪار ئي اهي سڀ ڪم ممڪن بڻجي سگهن ٿا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here