پرويز الاهي کي گهر نه پهچائڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل، ٻئي گرفتاري به چيلينج

0
31

 پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي حفاظت سان گهر نه پهچائڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي جڏهن ته ايم پي او جي تحت سندس گرفتاري کي به عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير جي گهر واري قيصره الاهي طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چوڌري پرويز  الاهي کي حفاظت سان گهر نه پهچائڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڊي آءِ جي آپريشن، ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن ۽ ايس پي سيڪيورٽي هاءِ ڪورٽ کي ڌر بنايو ويو آهي.

درخواسگذار چيف جسٽس کان درخواست اڄ ئي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالتي حڪم جي باوجود پرويز الاهي کي پوليس آفيسرن گهر نه پهچايو. عدالت ڊي آءِ جي آپريشنز ۽ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن جي خلاف توهين عدالت جي  ڪارروائي ڪري.

ٻئي پاسي پرويز الاهي جي گهر واري قيصره الاهي طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پرويز الاهي کي ڪينال روڊ کان اغوا ڪرڻ ۽ حبس بيجا ۾ رکڻ جي خلاف به درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پرويز الاهي کي گهر ويندي نامعلوم ماڻهن اغوا ڪيو. عدالت پرويز الاهي جي بازيابي جو حڪم ڏئي.

هوڏانهن پرويز الاهي ايم پي او تحت پنهنجي گرفتاري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. وڪيل عبدالرزاق جي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته چوڌري پرويز الاهي جي ايم پي او تحت گرفتاري ڪالعدم قرار ڏني وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سياسي بنيادن تي نشانو بنايو پيو وڃي. پهرين سيپٽمبر کان ايم پي او غيرقانوني آهي. ايم پي او تحت گرفتاري ڪالعدم قرار ڏئي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here