شيخ رشيد گرفتاري کان پوءِ ميڊيا جي سامهون اهم بيان ڏئي ڇڏيو

0
65

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد گرفتاري کان پوءِ ميڊيا کي اهم بيان ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب شيخ رشيد گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او نواز ليگ جو ٽائوٽ آهي ۽ سڄو ڪم راڻا ثناءُالله ڪرائي رهيو آهي. مان راڻا ثناءُالله کي اهو پيغام ٿو ڏيان ته هاڻ مان توکي نه ڇڏيندس.
شيخ رشيد چيو ته پوليس مون کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ سموري گهر جا دروازا ۽ دريون ڀڃي ڇڏيون، منهنجي ملازمن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. اهو سراسر ظلم آهي. انشاءَالله فتح حق جي ٿيندي. مان عمران خان سان گڏ آهيان. هنن بدمعاشي ڪئي آهي سئو کان ٻه سئو ماڻهو گهر ۾ داخل ٿيا سڀني وٽ هٿيار هئا. هي مون کي زبردستي گاڏي ۾ وجهي کڻي آيا آهن. شيخ رشيد چيو ته مون کي اسلام آباد پوليس راولپنڊي مان گرفتار ڪيو جڏهن ته اڄ ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج طارق محمود جهانگيري کان ضمانت ورتي هئي. جج صاحب 6 تاريخ تي اسلام آباد جي آءِ جي کي طلب ڪيو هو.


شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته پوليس مون کي طبي معائني جي لاءِ پولي ڪلينڪ کڻي آئي، مون اڄ تائين شراب ناهي پيتي. پر ان باوجود پوليس مون کي طبي معائني کان پوءِ سيڪريٽريٽ ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. مان خانه ڪعبه جي ڇت تي ويو آهيان مون رسول صه جي روضي تي حاضري به ڏني آهي. مون ٻيا گناهه ڪيا هوندا پر شراب ناهي پيتي ۽ ڪڏهن نشو ناهي ڪيو. مان 16 ڀيرا وزير رهيو آهيان منهنجي مٿان ڪرپشن جو ڪوبه ڪيس ناهي هاڻ منهنجي حياتي کي خطرو آهي. گرفتاري وقت شيخ رشيد جي هڪ وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو پوليس اهلڪار کي ڌڪا ڏئي پوئتي هٽائيندي کيس گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي.


ٻئي طرف لاهور ۾ شيخ رشيد جي گرفتاري کان پوءِ زمان پارڪ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو احتجاج جاري آهي. ڪارڪنن جو وڏو انگ زمان پارڪ ۾ موجود آهي جڏهن ته ڪارڪنن کي به گرفتار ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪارڪنن چيو آهي ته شيخ رشيد جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا. مظاهرين زمان پارڪ جي چوڌاري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا.
هوڏانهن اڳوڻي ايم اين اي شيخ راشد شفيق آبپاره ٿاڻي جي ٻاهران پنهنجي بيان ۾ چيو ته رات ساڍي 12 وڳي آبپاره پوليس شيخ رشيد کي سندس بحريه ٽائون ۾ نجي رهائشگاهه مان گرفتار ڪيو جيڪا پنجاب جي حدن ۾ اچي ٿي. پوليس ملازمن کي حراسان ڪيو، گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي. هن چيو ته پوليس شيخ رشيد کي جنهن ايف آءِ آر تي گرفتار ڪيو اسان ان تي اڳ ئي عدالت وڃي چڪا آهيون ۽ عدالت طرفان اسان کي رليف به ڏنو ويو. اسان هنن جي مٿان توهين عدالت جي درخواست داخل ڪنداسين.
پوليس جو شيخ رشيد جي گرفتاري جي حوالي سان موقف آهي ته شيخ رشيد نشي جي حالت ۾ هو هن وٽ اعليٰ ڪوالٽي جي شراب پڻ هٿ آئي آهي. هن گرفتاري دوران پوليس اهلڪارن کي گارين کان علاوه ڌڪا پڻ ڏنا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here