آئيس ۽ هيرون ڪيترن ئي ڳڀهرو نوجوانن کان حياتيون کسي ورتيون

0
168

وڳڻ رپورٽ: حسن علي مغيري

وڳڻ شهر ۾ آئيس ۽ هيرون ڪيترن ئي ڳڀهرو نوجوانن کان حياتيون کسي ورتيون آهن، وڳڻ شهر جي ڳوٺ سچڏنو چانڊيو ۾ نالي مٺو پٽ علي اصغر چانڊيو آئيس ۽ هيرون واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو آهي، فوتي نوجوان جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته وڳڻ شهر ۾ قافي ٽائم کان منشيات سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي الائي ڇو وڳڻ پوليس کي منشيات فروش نظر ئي نه پيا اچن۔

وڳڻ شهر ۾ هر طرف آئيس ۽ هيرون جا عادي نوجوان روڊن ۽ رستن تي پنئدي نظر پيا اچن فوتي نوجوان نالي مٺو چانڊيو جي وارثن ۽ وڳڻ شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ عمران قريشي کان اپيل ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته منشيات فروشن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري هتان جي نوجوان نسل کي تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي۔

وڳڻ شھر منشيات واپرائڻ سبب ڪافي نوجوان پهنجي زندگي مان هٿ کڻي ويٺا آهن، وڳڻ شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ منشيات عام شين جيئيان وڪرو ٿي رهيو آھي، لکيل پڙھيل ۽ ڪاروبار ڪندڙ نوجوان به منشيات جهڙي خطرناڪ ڄار ۾ ڦاٿل آھن ڪيترن ئي امڙن جون جهوليون خالي ٿي ويون آھن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here