سنڌ جي حقن لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جاکوڙي رهي آهي، شفقت حسين انڙ

0
173

پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال، پ پ اڳواڻ قاضي جميل احمد جوڻيجو، سيد پيرل شاھ، سيد فيض محمد شاھ ۽ ٻين پاران پ پ اڳواڻ حاجي شفقت حسين انڙ جي رهائش گاھ علي آباد پهچي مبارڪون ڏنيون۔

پ پ اڳواڻ حاجي شفقت حسين انڙ جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جو شڪرگذار آهيان جنهن مون مان ڏيندي علي آباد اچي رهيا آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي عوام پيپلزپارٽي جي قيادت سان بيحد محبت ڪري ٿو، هن چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جاکوڙي رهي آهي۔

هوڏانهن پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال، پ پ اڳواڻ قاضي جميل احمد جوڻيجو جو چوڻ هو ته حاجي شفقت حسين انڙ کي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔

هنن چيو ته وفاقي حڪومت عوام سان ناانصافيون ڪري رهي آهي عوام کان جئيڻ جو حق به کيسي رهي آهي، هنن چيو ته آبادگارن کي جنسن جو جائز حق به نه ٿو ڏنو وڃي ويتر وفاقي حڪومت آبادگارن کان احتجاج جو حق به کسي رهي آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here