ٻارڙن کي پوليو جا قطرا پياريو، ڏوڪري اسپتال جي اسٽاف جي جاڳرتا ريلي

0
202

ڏوڪري رپورٽ: قاضي فريد

ٻارڙن کي پوليو جا قطرا پياريو، موذي مرض کان بچايو، ڏوڪري اسپتال جي ڊاڪٽرن، هليٿ ورڪر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن جاڳرتا ريلي ڪڍي. ڏوڪري اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ظفر ﷲ موريو، ڊاڪٽر رياض حسين ابڙو، يوسي ايم او غلام مصطفي ٿهيم، ايريا انچارج شهربانو مڱريو، مسمات امينہ ميراڻي، مسمات نوابزادي خاتون، مسمات شبنم مڱريو، عبدالمجيد ميتلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليو مهم جي حوالي سان اسپتال کان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي۔

ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليو ڪئيمپين 26/10/2020 کان شروع ٿي رهي آهي جيڪا 30/10/2020 تائين هلندي۔ هنن چيو ته والدين کي گهرجي ته هڪ ڏينهن جي ٻار کان پنج سالن جي ٻار کي پوليو جا قطرا پيارين ته جئين ٻار پوليو جهڙي موذي مرض کان محفوظ رهي سگهن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here