ڏوڪري اسپتال جي وارڊن ۾ ايم ايس جو دورو

0
163

ڏوڪري

ڏوڪري اسپتال جي وارڊن ۾ ايم ايس ڊاڪٽر ظفر ﷲ موريو، ڊاڪٽر رياض حسين ابڙو دورو ڪيو، دوري دوران ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن کي هدايتون ڪيون۔ ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر ظفر ﷲ موريو، ڊاڪٽر رياض حسين ابڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسپتال جي بهتري لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون، ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازم ۽ اسپتال جي سموري عملي سان گڏجاڻي ڪئي ته اسان هتان جا رهواسي آهيون، اسپتال اسان جو گهر آهي گهر کي بهتر ڪرڻ اسان جو ئي فرض آهي۔

هنن چيو ته الٽرا سائونڊ لاءِ ليڊي ڊاڪٽر به جلد کان جلد مقرر ڪئي ويندي. هنن چيو ته غريب عورتن جي ڊليوري اسپتال ۾ ٿي رهي آهي، جلدي ئي آپريشن شروع ڪيا ويندا ته جئين غريب مسڪين عورتون فائدو وٺي سگهن. هنن چيو ته اسپتال ۾ دوائون جو بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ ايمرجنسي وارڊ ۾ به مريضن لاءِ هفتي جي دوائن به رکرائي ڇڏيون آهن ته جئين رات جي وقت ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن کي رليف ملي سگهي۔

هنن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته لاڙڪاڻي جي بين اسپتالن کان ڏوڪري اسپتال کي بهتر ڪيون، هتان جي عوام کي ڀرپور رليف ڏئي سگهيون. هنن چيو ته ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا ملازم بهترين ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن، ملازمن جون تي شفٽون رکيون آهن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here