سڄي سنڌ ۾ مصنوعي مهانگائي ڪئي وئي آهي: مراد علي شاهه

0
55

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سڄي سنڌ ۾ مصنوعي مهانگائي ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مصنوعي مهانگائي بابت چيف سيڪريٽري کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪمشنرن ۽ ڊي سيز کي ضروري حڪم ڏنا وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنرز روزاني جي بنياد تي مارڪيٽن ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن کي چيڪ ڪن ته جيئن اگهن تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف فراهم ڪري سگهجي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here