سنڌ حڪومت جي خوراڪ بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چئيرمين جي صدارت ۾ اعلي سطحي گڏجاڻي

0
226

ٿرپارڪر (چمن سنگھ ٺاڪر) مٺي سنڌ حڪومت جي خوراڪ بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چئيرمين ۽ ميمبر صوبائي اسيملبي راڻا ھمير سنگھ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوھو جي صدارت ۾ دربار ھال مٺي ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ اٽي جي قيمتن واري مسئلي جي حل لاء اعلي سطحي گڏجاڻي منعقد ٿي ـ گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٿرپارڪر سيد ڪبير شاھ ـ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو راجيش ڪمار ـ سڀني تعلقن جي اسٽنٽ ڪمشنرن مختيار ڪارن ۽ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر ٿرپارڪر امجد ميمڻ، راڻا ھمير سنگھ جي پرسنل سيڪريٽري ڪنول موھن لال، بيورو آف سپلائي جي عارف حسين، ٿر فلور مل جي مينيجر اڪبر شاھ، چڪي مالڪن، سول سوسائٽي جي اڪبر درس ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي ـ

ان موقعي تي خوراڪ بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چءيرمين ۽ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ چيو ت سنڌ حڪومت پاران 20آڪٽوبر 2020 تاءين فلور مل ۽ چڪي مالڪن کي ڪڻڪ جي ڪوٽا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ۽ چيو ت سنڌ حڪومت کي ٿرپارڪر ضلعي جي فلور مل ۽ چڪين کي لبرل پاليسي تحت ڪڻڪ جي ڪوٽا ڏيڻ جي پڻ سفارش ڪءي آھي ـ ھن وڌيڪ چيو ت مسءلن کي حل ڪرڻ لاء سڀني کي گڏيل طور تي ذميواري کڻڻي پوندي تڏھن ءي مسءلا حل ٿي سگھن ٿا ـ راڻا ھمير سنگھ سمورن تعلقن جي اسٽنٽ ڪمشنرن ۽ خوراڪ کاتي جي آفيسرن کي ھدايت ڪئي ته ھو فلور مل ۽ چڪين ۾ موجود ڪڻڪ جا اسٽاڪ چيڪ ڪن ۽ اھڙي طرح فلور مل ۽ چڪي مل مالڪان ڪڻڪ جي ڪوٽا جا انگ اکر ڏين ن ڏيڻ جي صورت ۾ انھن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي ـ

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوھو چيو ته فلور مل ۽ چڪي مالڪان عوام کي رليف فراھم ڪرڻ لاء سستي اٽي جا اسٽال لڳائين ۽ فلور مل ۽ چڪي مالڪان ڪڻڪ جي ڪوٽا جا انک اکر فراھم ڪن ـ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ ۽ وزن ۾ گھٽ اٽو وڪرو ڪندڙ واپارين خلاف سخت قانوني ڪارواءي ڪءي ويندي ـ ھن سڀني تعلقن جي اسٽنٽ ڪمشنرن ـ مختيارڪارن ۽ خوراڪ کاتي جي آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪئي ته ھو روزاني جي بنياد تي ڪڻڪ جي اٽي جي قيمتن ۽ روز مرھ جي شين جا اگھ چيڪ ڪرڻ لاء مارڪيٽن جا دورا ڪن ۽ منافعي خورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنھن ب قسم جي ڪوتاھي ھرگز برداشت ن ڪءي ويندي ـ

ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ٿر فلور جي مينيجرکي ھدايت ڪئي ته ٿرپارڪر ضلعي جي مقرر ڪيل ڪوٽا ٿرپارڪر ضلعي کي فراھم ڪئي وڃي ـ ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر ٿرپارڪر امجد ميمڻ ٻڌايو ت ھن وقت ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف تعقلن جي ڪڻڪ گدامن ۾ 92 ھزار 694 پي پي بيگس 50 ڪلو جا موجود آھن جنھن ۾ مٺي تعلقي ۾ 43ھزار 127, اسلام ڪوٽ ۾ 26ھزار 34, ڏيپلو ۾ 1200, ڇاڇرو ۾ 15ھزار 713, ۽ ننگرپارڪر ۾ 6ھزار 620 ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود آھي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here