لعلو رائنڪ: ويگن ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت

0
194

لعلورائنڪ (رپورٽر روشن علي مغيري ) ويگن ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت ويگن ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار۔
تفصيل موجب لعلورائنڪ ڀرسان لاڙڪاڻي ويندڙ مک روڊ تي ڦال موري وٽ خوفناڪ حادثو پيش. وين ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار عمران علي ولد امام بخش رڏ ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ پيرسن عورت مسمات ڪامل خاتون شديد زخمي ٿي پئي جنهن کي شعبہ حادثات لارڪاڻو منتقل ڪيو ويو جتي پيرسن عورت زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي. ٻئي ڀائ ڀيڻ ضلعي قمبر جي ڳوٺ پير محمد لاکا جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن. بر وقت سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري ڪافي وقت لاش رورل هيلٿ سينٽر وڳڻ ۾ پيل رهيا ۽ بعد ۾ سڃاڻپ ٿيڻ سبب ٻنهي ڀائ ڀيڻ جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي واري هنڌ تان ويگن جو ڊرائيور وجه وٺي ڀڄي ويو اهڙي طرح لعلورائنڪ پوليس پهچي ويگن پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here