قمبر: رپورٽ قاضي نياز حسين
ايف آئی اي جي قمبر شهر ۾ ڪاروائي معصوم نوجوان کي کڻي وئي وارثن ۾ سخت بيچيني معصوم نوجوان کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو۔ ايف آ اي جي ٽيم رينجرس سان گڏجي قمبر شهر جي برڪت شاهه محلي ۾ اختر سومرو جي گهر تي چڙهائي ڪري ان جي معصوم پٽ طاهر سومري کي بند گاڏي ۾ کڻي ويا ان لاءِ قمبر شهر جي مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ وارثن سخت گرمي ۾ پريس ڪلب قمبر اڳيان احتجاج ڪيو۔
ان موقعي تي معصوم جي چاچي رجب سومرو الطاف سومرو ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيون ته، اختر سومرو جو معصوم طاهر سومرو هنڊي جي مشهور هندو واپاري سنتوش ڪمار ۽ سنجي ڪمار جي دوڪان تي پنج هزار مهيني تي پگهار تي مزدور ڪندو هو گهر جو واحد ڪمائيندڙ آهي ايف آ اي رينجرس سان گڏ گهر تي چڙهائي ڪري طاهر سومرو کي بيگناهه کبي نامعلوم هنڌ گم ڪري ڇڏيو۔ ڪواڙي بيمار ما۽ کي بيهوش جا دورا پون لڳا، انهن اعلي اختيارن کان گهر ڪئي آھي ته انهن جي بيگناهه معصوم کي آزاد ڪري انهن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي۔