ڪراچي ۾ سنڌي آبادين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ آھي، بنيادي سھولتون بہ ميسر ناھن۔محرم راڄپر

0
894

ڪراچي:  عبداللھ شاھ غازي ڳوٺ جي بلاڪ جي سماجي اڳواڻ محرم راڄپر ڳوٺ جي مسئلن بابت وي اين ايس سان ڳالھائيندي چيو تھ، ھي ڳوٺ 13 سال پراڻو ڳوٺ آھي، جنھن ۾ 1200 گھر آباد آھن ان باوجود سرڪار طرفان ڪي بھ سھولتون ناھين ڏنيون ويون۔ ڳوٺ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، تڪ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي جو تعلق پي ٽي آئي سان آھي، سنڌي آبادي ھئڻ جي ڪري مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ڳوٺ ۾ بجلي، گئس، ڊرينيج ، پاڻي ۽ روڊ رستن جو ڪو انتظام سرڪار يا چونڊيل نمائندن طرفان ناھي ڪيو ويو۔

سماجي اڳواڻ وڌيڪ چيو تھ جيتوڻيڪ سرڪار طرفان ڪا بھ سھولت ناھي ڏني وئي ان جي باوجود اسان پنھنجي مدد پاڻ تحت سب کان وڏو مسئلو بجلي جو حل ڪرايو آھي ۽ وڏي جدوجھد سان بجلي ڳوٺ ۾ چالو ڪرائي آھي جيڪو ھڪ اھم ترين ڪم آھي، 1200 گھرن تي مشتمل آبادي ۾ بنيادي سھولتن جي لاءِ پاڻ پتوڙي رھيا آھيون ۽ اڳتي بھ جدوجھد ڪري باقي سھولتون بھ پنھنجي ڳوٺ ۾ آڻينداسين، وڌيڪ ھن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آھي تھ عبداللھ شاھ غاز ي ڳوٺ جي بلاڪ ۾ بنيادي سھولتون روڊ رستا ڏنا وڃن، ڪراچي ۾ سنڌي آبادين سان ورتائو سٺو ناھي عوام جو نظرون وري بھ پيپلزپارٽي ڏي آھن تھ ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي ڏنا وڃن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here