زنده قومون ئي پنهنجي قومي ڏهاڙن کي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائينديون آهن، ڊپٽي ڪمشنر قمبرشھدادڪوٽ

0
289

ضلعي انتظاميا قمبر شهدادڪوٽ ايٽ قمبر پاران ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪندي 14 آگسٽ آزادي جي ڏهاڙي کي ڀرپور نموني سان ملهائڻ بابت انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي

قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين

ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد علي جاگيراڻي چيو آهي ته زنده قومون ئي پنهنجي قومي ڏهاڙن کي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائينديون آهن. آزادي جي نعمت ﷲ سائين طرفان مليل هڪ تحفو آهي ضلعي انتظاميا ضلعي قمبر شهدادڪوٽ پاران ايس او پيز تي عملدرآمد ڪندي آزادي واري ڏينهن کي ڀرپور نموني ملهائڻ لاءِ ضلعي ۾ جشن آزادي جا پروگرام منعقد ڪيا ويندا۔ 14 آگسٽ آزادي واري ڏهاڙي تي صبح جو 7:55 تي ڊي سي آفيس قمبر ۾ پرچم ڪشائي ڪري قومي ترانو وڄائي سلامي پيش ڪئي ويندي جڏهن ته مرڪزي پروگرام ڊي سي آفيس گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويندو۔

اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد علي جاگيراڻي ڊي سي آفيس قمبر جي درٻار هال ۾ 14 آگسٽ جشن آزادي واري ڏهاڙي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو۔ اجلاس ۾ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عمران قريشي، اي ڊي سي – ٽو عامر علي پنھنور ، اي ڊي اي ايڇ او قمبر ڊاڪٽر سيد عبدالرحمان شاھ ، ستن ئي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ٽائون آفيسرن، ڊي اي او تعليم ضلعي فاريسٽ آفيسر ارشد حيدر ڪماريو ، سوشل ويلفئير، اسڪائوٽس، سيپڪو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پنهنجن پنهنجن تعلقن اندر 14 اگسٽ جو ڏهاڙو جوش و خروش سان ملهائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ھو آزادي جي ڏهاڙي تي جيل اندر قيدين ۽ اسپتالن اندر مريضن ۾ مٺايون ۽ فروٽ تقسيم ڪيون وڃن۔

هن چيو ته ان خوشي جي موقعي تي يتيم ۽ بي سهارا ٻارڙن کي هرگز نه وساريو وڃي آزادي جي ڏهاڙي تي انهن ۾ پڻ مٺائي ۽ فروٽ تقسيم ڪيا وڃن. ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ميونسپل جي عملداران کي هدايت ڪندي چيو ته 14 اگسٽ جي ڏهاڙي تي صفائي سٿرائي جي انتظامن کي بهتر ڪيو وڃي ان ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي۔ ان موقعي تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عمران قريشي پاران 14 اگسٽ جي حوالي سان ضلعي اندر سڪيورٽي پلان بابت بريفنگ ڏني وئي۔

ان موقعي تي ضلعي اندر سڀني گورنمينٽ ڊگري ڪاليجن، گورنمينٽ ھاء اسڪولن ۽ پرائيويٽ اسڪولن جي ھيڊ ماسترن ڊي سي صاحب کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايس او پي تحت پنھنجن پنھنجن ڪاليج ۽ مک اسڪولن اندر تقريبون منعقد ڪئي وينديون جنهن جي تياري اڳواٽ ئي ڪيون ويون آهن. ڊي سي صاحب کي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر ارشد حيدر ڪماريو ٻڌايو ته 14 آگسٽ آزادي واري ڏهاڙي تي ڊي سي آفيس قمبر ۽ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ 5 ھزار ٻوٽا لڳايا ويندا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here