لاڙڪاڻو رپورٽ: غلام مھدي لنڊ
سوشل ميڊيا تي وائرل تصوير ۾ مظفر خالدي هڪ ناري سان ڀاڪر پاتل سيلفي سامهون آئي، جنهن بعد ايس ايس پي کيس معطل به ڪري ڇڏيو۔ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش پاران اهڙا ڪيترائي سسپينڊ ليٽر جاري ڪيا ويا جيڪي پوليس اهلڪارن وري ٻيهر پوسٽن تي نظر اچڻ جا انڪشاف به ٿيا آهن
معطل ٿيل اي ايس آئي مظفر خالدي جي وائرل تصوير ۾ نظر ايندڙ ناري پوليس اهلڪار هجڻ جا چوٻول پڻ آهن۔ايس ايس لاڙڪاڻو مسعود بنگش پاران ايس پي هيڊ ڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو۔