وڳڻ لڳ ڪڻڪ جي 14 ايڪڙ فصل کي باھ

0
283

وڳــــــــــــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ ڀرسان ڳوٺ عالي کبڙ جي رهائشي محمد علي ڪلهوڙو جي 28 جريبن جي پيل ڪڻڪ جي فصل کي باھ لڳي وئي جڏھن ته ساڳي ئي ڳوٺ جي رهائشي وڏيري مولا بخش ڪلهوڙو جي به 5 جريبن جي پيل ڪڻڪ جي فصل کي باھ لڳي وئي زمينن تي پيل فصل کي باھ لڳي وئي جڏھن ته فائر برگيڊ کي اطلاع ڪيو ويو پر هن وقت تائين فائر برگيڊ ڪون پهچي سگهيو ۽ باھ جيڪي آھي اها تيزي سان اڃان اڳتي وڌي رهي آھي۔

جڏھن ته سوين جي تعداد ۾ هاري به پنهنجي زمينن تي پهچي ويا آھن هر هاري پهنجي فصل کي بچائڻ ۾ مصروف لڳا پيا آھن پر سوين جريبن تي بيٺل فصل گڏ هجڻ ڪري اڃان وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خدشو آھي جڏھن ٻئي پاسي تي رابطو ڪرڻ تي محمد علي ڪلهوڙو ٻڌايو ته منهنجي 28 جريبن جي ڪڻڪ ذريعي زمين تي پيل هئي ۽ انه کي سڀاڻي مشين لڳڻ واري هئي پر اچانڪ خبر ناهي ته ڪئين ڪڻڪ جي فصل کي باھ لڳي آھي۔

اسان فائر برگيڊ عملي کي ڪال ڪري اطلاع ڪيو جيڪي هن وقت تائين ڪون پهتي آھي ۽ ڏينهن گرم هجڻ ڪري باھ اڃان وڌيڪ تيزي سان اڳتي وڌي پيو سوين جريبن تي بيٺل ڪڻڪ جي فصل کي نقصان ٿي سگهي ٿو اسان پهنجي مدد پاڻ تحت باھ کي وسائڻ جي ڪوشش ڪيون پيا پر باھ ايتري ته تيز آھي جو ڪو ماڻھو ويجهو به نٿو وڃي سگهي ۽ هر هاري پنهنجي فصل کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن۔

پر باھ ڪنٽرول ۾ نٿو اچي هن وقت 32 جريبن جي ڪڻڪ جي فصل کي باھ لڳي آھي ۽ مڪمل فصل سڙي خاڪ ٿي ويو جڏھن ته واقعي واري هنڌ تي حد جي پوليس به پهچي وئي ۽ اهئي به ڪوششون ڪري رهيا آھن ته ڪهڙي به طرح زمينن تي پيل ٻئي فصلن کي بچائي سگهي پر باھ جا ڇولا آسمانن تہ پهچن پيا ۽ ماڻھو پري کان مجبور ٿي بيٺل آھن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here