مظفر قاضي
وارھ ۾ پھرين مئي شڪاگو جي شھيد مزدورن جي ياد ۾ سماجي اڳواڻ جيڪال ڪلھوڙو اسلم کھاوڙ الله بخش گاڏھي ۽ ٻين ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪيو مظاھرين وارھ پريس ڪلب سامھون ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان ۾ مزدورن کي پنھنجي پورھئي جي اجرت نٿي ملي سرمائيدار پورھيتن جا حق ماريون ويٺو آھي حڪومت کي گھرجي مزدورن جي اجرت وڌائڻ سميت کين رھائش لاء گھر ۽ مفت ميڊيڪل جي سھولت ڏني وڃي ھُنن وڌيڪ چيو ته ضلعي قمبر شھدادڪوٽ اندر مزدور يونين رجسٽرڊ ڪري مزدورن کي پنھنجا جائز حق ڏنا وڃن۔