رپورٽ: قاضي نياز حسين
قمبر: سڄي ملڪ جيان قمبر ۾ بہ 10 محرام الحرام ڪربلا جي شھيدن کي ياد ڪري ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء مختلف ڳوٺن ۽ محلن مان درزين ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاھ پهتا جتان مرڪزي ماتمي جلوس بر آمد ڪيو هزارين عزادار سينا زني ڪندا شهر جي مختلف رستن تان ٿيندا، يا حسين جون بلند صدائون ڪندي، ماتمي جلوس پنھنجي روايتن مطابق شھر جي مختلف رستن تان عزادارن ڇرين، مڇلين سان سينا زني ڪئي جنھن سبب سوين عزادار سخت زخمي ٿي پيا جن کي فرسٽ ايڍ ڏني وئي، جڏھن تہ ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي انتهائي تمام سخت ڪئي وئي تہ جيئن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نہ اچي جڏھن شھر طرف ايندڙ ويندڙ رستا مڪمل طور تي بند ڪيا ويا، ماتمي جلوس پنھنجي روايت مطابق ساڳي رستن تان ٿيندو پنهنجي منزل تي پهتو، جنھن کانپوء شام غريبان منعقد ڪئي وئي، آخر ۾ نياز نگر جو پڻ بندو بست پڻ ڪيو ويو هو جيڪو عزادارن ۾ تقسيم ڪيو ويو۔