ڏوڪري /موهن جو دڙو
(رپورٽ سمير سومرو)
ڏوڪري ۾ سالياني مجلس عزا منقعد، چاڪن، گرزن ۽ زنجيرن سان ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ، تفصيل موجب ڏوڪري ۾ هر طرف لبيڪ يا حسين جون صدائون بلند آهن 9 محرم الحرام جو ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاهه کان ڪڍيو ويو جنهن ۾ مومن عزاداري ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي جڏهن ته ڏوڪري جي مختلف علائقن مان 20 کان وڌيڪ ماتمي جلوس شهر جي مکيه بازار حيدر چوڪ تي برآمد ڪيا ويا ۽ حيدر چوڪ تي 9 محرم الحرام جي سالياني مجلس عزا منقعد ڪئي وئي۔
مجلس کي ذاڪر سيد توقير رضا شاهه، مولوي مرتضي حسين مرتضائي، مولوي غلام علي عاملي ۽ ٻين خطاب ڪندي ڪربلا جي واقعي تي روشني وجهندي چيو آهي حضرت امام حسين عليه السلام ڪربلا جي پڙ ۾ يزيد سان جنگ ڪندي پنهنجي 72 جانثارن جي جانين جو نذرانو ڏئي دين اسلام جو جهنڊو بلند رکيو، هنن وڌيڪ چيو ته امام حسين عليه السلام پاران ڏسيل راه تي هلندي زندگي ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ماڻي سگهجي ٿي ڪربلا جي ميدان ۾ فتح امام حسين عليه السلام جي ٿئي ۽ يزيد کي بدترين شڪست نصيب ٿي۔
مجلس بعد چاڪن، گرزن ۽ زنجير زني ڪري عزاداري ڪئي وئي جنهن ۾ ڪيترائي ئي عزادار زخمي ٿي پيا جن کي ڏوڪري تعلقي اسپتال ۾ فرسٽ ايڊ ڏني وئي آهي جڏهن ته ننگر نياز ۽ سبيلن ورهائڻ جو احتمام ڪيو ويو آهي جڏهن ته ماتمي جلوس جي نگراني لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن۔