ڪورونا رليف الائونس بند ٿيڻ خلاف رورل ھيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي جي عملي جو او پي ڊي جو بائيڪاٽ مريض پريشان

0
335

راڄوخاناڻي ( رپورٽ سفير نظاماڻي ) سنڌ سرڪار پاران ھيلٿ ڊپارٽمينٽ کي ملندڙ ڪورانا رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف ميڊيڪل ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف آر ايڇ سي جي ايم ايس ڊاڪٽر نياز ٽالپر جي اڳواڻي ۾ رورل ھيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ۽ ڪاريون پٽي ٻڌي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن سبب مريضن کي پريشان حال ڦرندا رھيا۔

احتجاج دوران ايم ايس ڊاڪٽر نياز ٽالپر ۽ محمد جو ڻيجو جو چوڻ ھو ته اسان ھن خطرناڪ صورتحال کي منھن ڏئي رھيا آھيون سھولتون نه ھجڻ باوجود اسان ھن ڪووڊ 19 جي خطرناڪ وبا خلاف اڳين محاظ تي آھيون اسان جي جانين کي خطرو آھي سنڌ اندر ڪافي ڊاڪٽرس صاحبان ھن خطرناڪ وبا سان جنگ ڪندي شھيد ٿي چڪا آھن ۽ ڪافي ڪورنا جي مرض ۾ مبتلا آھن روز بروز ڪورنا جي مريضن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي پر سنڌ ۽ وفاقي سرڪار ان کي سنجيدگي سان نه وٺي رھي آھي۔

اسان سنڌ سرڪار کان مطالبو ٿا ڪيو ته ڪورونا ھڪ خطرناڪ وبا آھي ان خلاف سنجيدھ اپأ ورتا وڃن ۽ ان خلاف وڙھندڙ ھيلٿ عملي جو ڪورنا رسڪ الائونس بند ڪرڻ زيادتي آھي۔ فورن رسڪ الائونس بحال ڪيو وڃي مظاھري ۾ ڊاڪٽر شنڪر لال منظور سمون امتيار شيدي ۽ محمد جوڻيجو ۽ ٻي عملي شرڪت ڪئي ـ

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here