سنڌ گورنمينٽ جي طرفان لڳل سوين آر آو پلانٽن جي آپريٽرن کي 10 مھينن کان پگھارون نہ ملڻ خلاف احتجاج

0
227

مٺي:عبدالرحمان جوڻيجو

ٿرپارڪر سنڌ ۾ سنڌ گورنمينٽ جي طرفان لڳل سوين آر آو پلانٽن جي آپريٽرن کي 10 مھينن کان پگھارون نہ ملڻ جي ڪري مجبورن ڪوڙن واعدن ۽ آسرن مان بيزار ٿي پنهنجن ٻچن کي بکيا ڏسي پريس ڪلب مٺي اڳيان احتجاجي ڪئمپ لڳائي رھيل ڏھ پگھارن ۽ مستقبل لاء ريگيولر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، اڄ اسان 750 خاندان ديوالي خوشين کان محروم آھيون۔

پگھارون نہ ملڻ ڪري عيد جي خريداري نہ ڪري سگھيا ھياسين . اسان جا اقليتي چونڊيل نمائندا بہ خاموش تماشائي بڻيل آهن.جنھن کي اسان جي غريب ملازمن جي ٻچن جو بہ احساس نہ آھي، اسان کي ڏھن مھينن ۾ رڳو ھزارين ڪوڙا واعدا ڪيا ويا آهن۔ ست مھينا اڳ اسان احتجاجي ڪئمپ لڳائي ھئي انھي ڪئمپ تي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي پهچي اسان کي ھڪ مھيني اندر پگھارون ڏيڻ جو واعدو ڪرائي اسان جو احتجاج ختم ڪرايو ھو۔

اسان ديوالي جون خوشيون ڇڏي ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل آھيون .اسان ديوالي جي ٽيئن ڏينهن بہ احتجاجي ڪئمپ تي ويٺل آھيون، اسان گورنمينٽ سنڌ کان مطالبو ڪريون ٿا تہ اسان جون پگهارون جاري ڪري اسان کي مستقبل لاء ريگيولر ڪيو وڃي تہ جيئين اسان پنهنجن ٻچن کي بک کان بچائي سگھون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here