وڻڪاري جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ٽيم طرفان مختلف قسم جا ٻوٽا پوکي وڻ لڳايو سنڌ سرسبز بڻايو ڪانفرنس منعقد

0
238
Larkana Green Star

ڏوڪري

لاڙڪاڻو وڻڪاري مھم ھلائيندڙ سماجي تنظيم لاڙڪاڻہ گرين اسٽارز ٽيم جي ٽي روزه يوم تاسيس جون گرين تقريبون جاري سنڌ جي قديمي تھذيبي ماڳ موهن جو دڙو جي کوٽائي کي 100 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسب سان موھن جو دڙو تي وڻڪاري جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ٽيم طرفان مختلف قسم جا ٻوٽا پوکي وڻ لڳايو سنڌ سرسبز بڻايو ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن ذوالفقار علي مگسي، فدا حسين کوکر، مظفر شاھاڻي، ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو ڊويزن پروفيسر ڪرم حسين وڌو چيو ته ٻيلن جي ختم ٿيڻ ۽ وڻن جي ڪٽجڻ سبب دنيا اندر ماحولياتي تبديليون پيدا ٿي رھيون آهن جنهن سبب گرمي پد خطرناڪ حد تائين وڌڻ جو امڪان آهي۔

ٻيلن ۽ وڻن جي ڪٽجڻ ڪري برساتيون گهٽ ٿينديون برساتن جي ڪمي سبب مختلف علائقن ۾ خشڪ سالي جو خطرو آهي جنهن سبب ڪافي آبادين ۾ خوراڪ جي ڪمي ٿي سگهي ٿي ھنن چيو ته ماحولياتي تبديلين کان بچڻ لاءِ وڻڪاري دور حاضر جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي ماحول کي بچائڻ ۽ سنڌ کي سرسبز بڻائڻ لاءِ سڄاڻ ڌرين کي ڪردار ادا ڪرڻو آهي معاشري جو ھر فرد ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي ۽ موسمي اثرن کان بچڻ لاءِ ھڪ ٻوٽو لڳائي ان موقعي تي انچارج موھن جو دڙو احسان علي عباسي کي ٽيم طرفان وڻڪاري مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو جڏهن ته ٽيم جي سرواڻ ذوالفقار علي مگسي کي موھن جو دڙو انتظاميه طرفان وڻڪاري مھم مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنو ويو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here