ڪراچي (20 مارچ 2021): گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿيو ۽ فوتين جي تعداد 4479 ٿي وئي آهي ۽ 10443 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 262 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿيو ۽ فوتين جي تعداد 4479 ٿي وئي آهي جيڪا فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 10443 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 262 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 2.5 سيڪڙو آهن۔
هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 3203643 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 263057 ڪيس ظاهر ٿيا آهن جن مان 96.4 سيڪڙو يعني 253584 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 128 مريض پڻ شامل آهن وڏي وزير چيو ته هن وقت 4994 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي جن مان 4708 گهرن ۾، 7 آئسوليشن مرڪزن ۽ 279 مختلف اسپتالن ۾ آهن هن وڌيڪ چيو ته 256 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي ۽ 40 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي۔
بيان موجب 262 نون ڪيسن مان 122 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 63، ضلع ڏکڻ 15، ضلع اولهه 14، ضلع سينٽرل 12، ضلع ملير ۽ ضلع ڪورنگي 9-9 آهن حيدرآباد 24، بدين 12، خيرپور ۽ گهوٽڪي 8-8، لاڙڪاڻو 7، سجاول 6، ٺٽو ۽ عمرڪوٽ 5-5، قمبر، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان 4-4، ڄامشورو، مٽياري ۽ ميرپورخاص 3-3، سکر 2، شهيد بينظير آباد ۽ شڪارپور 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪيو۔