وي اين ايس نيوز لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ بدنظمي ۽ مريضن کي علاج نه ملڻ جو اهم راز هٿ ڪري ورتو

0
788

رپورٽ: غلام مھدي

لاڙڪاڻو : چانڊڪا اسپتال ۾ يونين ۽ سياسي مداخلت سبب مريض مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن. گذريل 10 ڏينهن کان چانڊڪا اسپتال اندر پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي ايم ايس لاڙڪاڻو ارشاد ڪاظمي خلاف هڙتال ڪري او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪندي سندس کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن ايم ايس لاڙڪاڻو ارشاد ڪاظمي پاران بريفنگ نوٽيس جاري ڪندي پنهنجي پوسٽنگ جي گذريل ست مهينن جي اندر ترقياتي ڪمن توڙي خراب پيل مشينري کي ورائي ٺهرائڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي اسپتال جي مفاد ۾ ڪيل ڪمن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ اهو پڻ واضح ڪيو ويو آهي ته ڊجيٽل ايڪسري صرف هڪ پيل هئي جنهن کي فنڪشنل ڪرڻ سان گڏوگڏ 3 ٻيون ايڪسري مشينون مختلف وارڊن ۾ رکيون ويون آهن، اهڙي ريت ايم آر آء مشين، سٽي اسڪين مشين، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران قائم ڪيل ليبر روم، ڪتي جي چڪ واري وئڪسين لاتعداد موجود هجڻ سميت ڪل 31 ڪمن جي نوٽ سان گڏوگڏ 10 ٽارگيٽ ڪم ايندڙ وقت لاءِ پلان ڪندي پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي ڪيل سڀ دعوائون کي رد ڪري ڇڏيون آهن۔

هڪ طرف پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي احتجاج سبب مريض ڪيترائي ڪلاڪ او پي ڊيز کلڻ جو انتظار ڪندا رهن ٿا  معلوم ٿيو آهي ته ايم ايس لاڙڪاڻو ارشاد ڪاظمي گوسڙو ملازم کي ڊيوٽي تي ريگولر اچڻ لاءِ فنگر مشين ۽ آءِ اسڪينر پڻ رکرائي آهي، جنهن بعد ڪيترن ئي گوسڙو ملازمن کي ڳالھ هضم ڪونه پئي ٿئي. هڪ طرف پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن پاران ايم ايس لاڙڪاڻو ارشاد ڪاظمي تي ڪرپشن جو الزام لڳايو ويو آهي ته ٻي طرف ايم ايس لاڙڪاڻو ارشاد ڪاظمي جو چوڻ آهي ته پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا عهديدار گوسڙو ملازمن کي هٿي ڏيندي بدنظمي پڻ پئدا ڪري رهيا هئا جن کي مان ڪڏهن به برداشت نه ڪندس، هن جو چوڻ هو ته پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا ملازم چورين ۾ به پڪڙيا ويا آهن جنهن ۾ هو آپريشن دوران هٿرادو دوائون پڻ مريضن کي لکي ڏيندا هئا جنهن کي اڃا وائکو ڪيو ويندو، هن جو چوڻ هو ته ايندڙ ڪجهه مهينن اندر 200 بيڊن تي مشتمل هڪ ٻي به اسپتال قائم ڪري رهيو آهيان جيڪا ڳالھ هنن کان هضم ڪونه پئي ٿئي. سنڌ حڪومت توڙي صحت کاتو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي سول سوسائٽي توڙي سماجي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو آهي ته جلد از جلد نوٽيس وٺي مريضن جي سار سنڀال لڌي وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here