سگهڙن جي سرتاج استاد محمد ملوڪ عباسي جي 22 هين ورسي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي ۾ ملهائي وئي

0
198

ڏوڪري: سگهڙن جي سرتاج استاد محمد ملوڪ عباسي جي 22 هين ورسي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي ۾ ملهائي وئي، منهنجي پهرين ملاقات استاد ملوڪ عباسي سان ٿي استاد ملوڪ پهرين ملاقات ۾ مونکي پنهنجو پروانو ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل ڪمشنر سلطان احمد کوسو، ثقافت کاتي سگهڙن جي سرتاج مرحوم سگهڙ محمد ملوڪ عباسي کي وساري ڇڏيو آھي، ثقافت کاتو بابا جي ورسي ۾ تعاون ناهي ڪيو هي ورسي ثقافت کاتي کي ڪرڻ گهرجي ها اميد ڪجي ٿي ته ثقافت کاتو ضرور بابا جي ورسي ۾ تعاون ڪندو،پٽ سگهڙ ممتاز عباسي ثقافت کاتي پاران هتي ملوڪ عباسي جي نالي لائبرري ۽ ثقافتي سگهڙ ڪانفرنس ھال ٺھرائي ڏنو وڃي ها۔

سنڌ جي مختلف ھنڌن کان آيل سگهڙ عاجز رحمت الله لاشاري غلام شبير عباسي غلام رسول مڱريو ۽ ٻيا سگهڙ، تفصيل موجب موهن جو دڙو ڀرسان سگهڙن جو سرتاج لوڪ ادب جو بادشاه 6 ڪتابن جو ليکڪ، شهباز قلندر، ڀٽائي، سچل، سميت ڪيترائي ايوارڊ يافته مرحوم سگهڙ محمد ملوڪ عباسي جي 22 هين ورسي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو ۾ ملهائي وئي پر ثقافت کاتي پاران سگهڙ محمد ملوڪ عباسي جي ورسي لاء ڪي به انتظام نه ڪيا ويا هيا پر ثقافت کاتي پاران اهڙي ناليواري سگهڙ جي ورسي لاء هن وقت تائين ڪو به حتمي اعلان به نه ڪري سگهيو آھي جڏھن ته محمد ملوڪ عباسي 6 ڪتابن جو ليکڪ جنهن ۾ “موتي مور ملوڪ جا“موتين مٺ ملوڪ جي“ماڻڪ موتي ملوڪ جا“منهن مٿانوان جن جا“گلشن ڏور“موتين مالها ملوڪ جي“ شهباز قلندر، ڀٽائي، سچل، سميت ڪيترائي ننڍا وڏا هزارين ايوارڊ کڻندڙ ناليواري سگهڙ کي ثقافت کاتي وساري ڇڏيو آھي۔

جڏھن ته محمد ملوڪ عباسي هڪ ادارو آھي جنهن سون جي تعداد ۾ شاگرد پئدا ڪيا آھن جڏھن ته ناليوارو سگهڙ لقمان کوکر محمد مٺل جهتيال روشن ڪوري سميت ڪيترائي استاد ملوڪ عباسي جا ناليوارا شاگرد آھن جن پنهنجي وڏي محنت ڪري پنهنجي استاد جو نالو روشن ڪيو آھي ڪيترن شاگردن جا پنهنجا لکيل ڪتاب تيار ٿيل مارڪيٽ ۾ به آيل آھن،جڏھن ته 22 ورسي تقريب ۾ سگهڙ پنهنجي استاد محمد ملوڪ عباسي جا بيت پڙھي ڀيٽا پيش ڪيون،ورسي تقريب ۾ صدارت ڪندڙ مهمان خاص ايڊيشنل ڪمشنر احمد سلطان کوسو جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي ڪاظم عباسي سميت ٻيا اديب دانشور صحافي سياسي سماجي اڳواڻ ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا۔

جڏهن ته ورسي جي تقريب جي ٻي نشست ۾ سگهڙ ڪانفرنس راڳ رنگ جي پڻ محفل به ٿي.جڏهن ته ورسي تقريب ۾ آيل مهمانن کي اجرڪ پارايا ويا ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو سلطان احمد کوسو چيو ته مرحوم محمد ملوڪ عباسي سان منهنجي هڪ دفعو ملاقات ٿي هئي جنهن پهرين ملاقات ۾ مونکي پنهنجو عاشق بڻائي ڇڏيو هيو هن چيو ته استاد ملوڪ عباسي جي ورسي ۾ اچي ڪري دل لطف اندوز ٿيندي آھي هن چيو ته سگهڙ هڪ وڏو ادارو آھي جيڪو ختم ڪڏھن به نه ٿي سگهندو هن چيو ته ڪتاب پنا ڳري ختم ٿي سگهن ٿا پر سگهڙ ڪڏھن به ختم نٿا ٿي سگهن هن چيو ته استاد جي ورسي ۾ مان ستون دفعو شريڪ ٿيو آھيان هن چيو ته مان جيستائين جيئرو آھيان استاد ملوڪ عباسي جي ورسي ڪڏھن نه گسائيندس هن چيو ته ورسي ۾ تمام گهڻو خرچ اچي ٿو پر مان استاد جي ورسي ۾ اخلاقن طور شريڪ ٿيندو آھيان ۽ ڪڏھن به ورسي ۾ مان مالي مدد ناهي ڪئي۔

هن چيو ته دعا ڪيو ته مان ڪمشنر ٿيان يا سيڪريٽري ٿيان ته ڪجه ورسي ۾ پنهنجي طرف کان تعاون ڪري سگهان ٿو هوڏانهن مرحوم استاد محمد ملوڪ عباسي جو وڏو پٽ سگهڙ ممتاز عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته استاد محمد ملوڪ عباسي هڪ وڏو نالو ۽ ادارو آهي جنهن هميشه سنڌ جي هر طبقي سنڌ جي خوشحالي هجي توڙي سنڌ سان ظلم هجي ان بابت گهڻو ڪجه لکيو ۽ ڳايو آھي جڏهن ته هن مديني واري سائين جي شان ۾ پنهنجي شاعري ڪري پاڻ ملهايو آهي پر هتي اهڙن انمول هيرن جو قدر نٿو ڪيو وڃي هن چيو ته استاد محمد ملوڪ عباسي ڀٽائي گهوٽ کان پوء سنڌي لوڪ ادب ۾ ٻيو نالو آهي پر سنڌ حڪومت توڙي ثقافت کاتي ڪي به ان لاء ڪم ناهي ڪيو، استاد ملوڪ عباسي جهڙا انمول هيرا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن،هن چيو ته مونکي اميد آھي ته بابا جي ورسي ۾ ثقافت کاتو ضرور اعلان ڪندو، هوڏانهن ورسي تقريب ۾ آيل سگهڙن عاجز رحمت الله لاشاري سگهڙ روشن ڪوري غلام رسول مڱريو ۽ ٻين سگهڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته استاد مرحوم محمد ملوڪ سگهڙ هڪ وڏو ادارو آھي جنهن ڀٽائي کان پوء ھي هڪ وڏو شاعر ليکڪ ۽ سگهڙ ھيو هنن چيو ته ملوڪ عباسي جي ورسي ثقافت کاتي کي پاڻ ملهائڻ گهرجي ها پر بد قسمتي اها آھي ته ثقافت کاتو اگهور ننڊ پيو آھي۔

هنن چيو ته ورسي تقريب ۾ ثقافت کاتو سائين ملوڪ عباسي جي نالي ڳوٺ ۾ لائبرري ۽ سگهڙ ڪانفرنس حال ٺھرائي ڏنو وڃي ها پر ثقافت کاتي اهڙي ناليواري سگهڙ مرحوم ملوڪ عباسي کي صفا وساري ڇڏيو آھي هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته مرحوم محمد ملوڪ عباسي جي ايندڙ ورسي ثقافت کاتو ڀرپور نموني مرحوم محمد ملوڪ عباسي جي پاڻ ملهائي ۽ تاريخ ٺاهي وڃي۔ ان موقعي تي سنڌ جو ناليوارو شاعر سانول ميرالي سگهڙ صالح عباسي صحافي جي ايم جهتيال صحافي عبدالجبار ميمڻ محمد صديق جوڻيجو محمد ابراهيم بيهڻ ليکڪ ڀيڄو فقير صحافي محمد رمضان جوڻيجو قاضي فريد دودو ديشي مظھر نوشاد صحافي اسد ٻگهيو صحافي عبدالحق پيرزادو، صحافي قاضي سهيل، صحافي قيوم جوڻيجو، سگهڙ غلام شبير عباسي محمد مٺل جهتيال ۽ ٻيا ورسي تقريب ۾ شريڪ ٿيا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here