سنڌ ڪابينا ”پاڪستان آئيلينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي“ آرڊيننس رد ڪري ڇڏيو

0
140

ڪراچي (6 آڪٽوبر): سنڌ ڪابينا صدارتي آرڊيننس متفقه طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي وئي ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هوءَ آرڊيننس واپس وٺي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. وزير توانائي امتياز شيخ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪابينا کي 31 آگسٽ 2020 تي صدر پاڪستان پاران پيش ڪيل آرڊيننس بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا جي ميمبرن  آرڊيننس بابت پنهنجي بحث ۾ چيو ته اهو (آرڊيننس) پاڪستان جي آئين جي خلاف آهي. ڪابينا ميمبرن چيو ته آئين تحت صوبائي حڪومت جي علاقائي حدن اندر زمينون، ٻيٽ ۽ سامونڊي زمينون صوبائي حڪومت جون آهن. ڪابينا چيو ته لاڳو ڪيل آرڊيننس مان ايئن لڳي پيو  ڄڻ اهي ٻيٽ وفاقي حڪومت جي ملڪيت هجن. ڪابينا چيو ته صوبائي حڪومت ترقي لاءِ ڪجهه پيراميٽرز مقرر ڪيا آهن جنهن ۾ ٻيٽ شامل آهن جيڪي صوبائي حڪومت جي ملڪيت هوندا، ترقياتي منصوبن جي شرطن ۽ ضابطن کي صوبائي حڪومت ۽ مقامي آبادي جي حق ۾ ورڇ ٿيندي جنهن جي حفاظت پڻ ڪئي ويندي. ڪابينا چيو ته ان معاهدي ۾ سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل شرطن کي هڪ پاسي رکندي سنڌ ۽ بلوچستان جي علاقائي حدن اندر واقع ٻيٽن کي وفاقي حڪومت جي ملڪيت قرار ڏنو آهي. صوبائي ڪابينا چيو ته ان آرڊيننس ذريعي سنڌ جي عوام جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. ڪابينا آرڊيننس کي واپس وٺڻ تي زور ڀريندي وفاقي حڪومت کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ صوبائي حڪومت ۽ ان جي عوام جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here