ايشيا ڪپ: ڀارت پاڪستان کي 267 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو

0
31

ايشيا ڪپ جي وڏي مقابلي ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 267 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.
پاليڪيلي ۾ روهت شرما ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڀارتي ٽيم 48.5 اوورن ۾ 266 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڀارت طرفان هارديڪ پانڊيا 87 ۽ ايشان ڪشن 82 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪپتان روهت شرما 11، شبمن گل 10، ويرات ڪوهلي 4، رويندرا جديجا ۽ شرياس ائير 14_14، شردل ٺاڪر 3، ڪلديپ يادو 4، جسپريت بمرا 16 ۽ محمد سراج هڪ رنس ٺاهي.
پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 4، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف 3_3 وڪيٽون ورتيون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here