ڏوڪري ۾ حددخلين جو آزار، وک وک تي قبضن سبب روڊ رستن تي ٽريفڪ جام معمول بڻيل

0
168

ڏوڪري رپورٽ

ڏوڪري ۾  حددخلين جو آزار وڌي ويو وک وک تي قبضن سبب روڊ رستا سوڙها ٿي ويا، ٽريفڪ جام رهڻ ڪري عوام مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويو جنهن ڪري سڄاڻ ڌرين ۾ تاء پکڙيل آهي هنن حددخلين هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ان ڏس ۾ هٿ ڪيل معلومات موجب ڏوڪري ۾ قبضن ۽ حددخلين جو سلسلو تيزي سان جاري آهي۔ 

ڏوڪري شاهي بازار، مڇي مارڪيٽ ، علي پارڪ ، اسپتال روڊ، ٽلو بازار، نيشنل بينڪ روڊ ۽ ٻين هنڌن تي دوڪاندارن پنهنجي دوڪان جي آڏو  ڇپرا وڌائي، دڪا ۽ صندل لڳائي ڇڏيا آهن ۽ قبضا ڄمائي گهر ۽ دوڪان ٺهرائي ڇڏيا آهن جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وڃڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي گاڏيون ته پري پر ماڻهن جو پنڌ گهمڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي عوام کي  مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته علي پارڪ ۾ قائم ٿيل لائبريري جي ٻنهي پاسن کان بااثر ماڻهن قبضا ڪري گهر ٺاهي ورتا آهن۔

هن وقت تائين انتظاميا ڪوبه  نوٽيس نه ورتو آهي هوڏانهن قبضن ۽ حددخلين وڌڻ تي هتان جي سياسي سماجي ڌرين ۾ تاء پکڙيل آهي هنن اختيارين کان نوٽيس وٺي قبضا گيرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن ڏوڪري جي اسسٽنٽ ڪمشنر  ۽ ٽائون آفيسر جو چوڻ آهي ته شهر ۾ سموريون حد دخليون هٽايون وينديون قبضا گيرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here