حڪومت جي زراعت دشمن پاليسين سبب هاري ۽ ننڍا آبادگار معاشي طور سخت پريشان

0
591

ٽنڊوالهيار رپورٽ: روشن علي آريسر

موجوده حڪومت زراعت دشمن پاليسيون ٺاهي هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي معاشي طور تباھ ڪري کين وياج خورن، منڊي جي دلالن ۽ واپارين آڏو مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هاري ۽ ننڍو آبادگار موجوده حڪومت جي ختم ٿيڻ لاء ڏينهن ڳڻي رهيو آهي۔ اهي ڳالهيون سنڌ هاري ڪاميٽي ضلعي ٽنڊو الهيار جي چمبڙ شهر ۾ منعقد ٿيندڙ هاري ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سنڌ هاري ڪاميٽي اڳواڻن ڪيون۔

ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امدد قاضي پنهنجي خطاب م چيو ته حڪومت جي عوام دشمن ۽ هاري دشمن پاليسين کي ختم ڪرائڻ لاء هارين ۽ عام ماڻهن کي پاڻ ۾ گڏجي ويڙھ وڙهڻي پوندي، هارين کي اشرافيا، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي پارٽين مان اميدون نه رکڻ گهرجن، دنيا ۾ هارين جي حالت تڏهن تبديل ٿي آهي جڏهن هنن پاڻ جدوجهد ڪئي آهي۔

انڊيا جو مٽال اسان جي سامهون آهي 70 ڪروڙ آبادي هارين ۽ ننڍن آبادگارن جي آهي جن جي ووٽ سان اقتدار ۾ آيل مودي سرڪار جيڪي قانون ٺاهيا آهن اهي سڀ جا سڀ سرمائيدارن جي فائدي ۾ آهن ان جي نتيجي ۾ لکڻ جي تعداد ۾ ھاري گذريل هڪ مهيني کان احتجاج ڪندي روڊ رستا بند ڪيو بيٺا آهن، تنهن ڪري سنڌ جي هارين کي اها ڳالھ سمجهڻي پوندي ته انهن وٽ هڪ ئي رستو آهي ته هارين جي طبقاتي تنظيم سنڌ ھاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تي منظم ٿي پنهنجي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻي پوندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here