ضلعي انتظاميه ۽ پوليس جي غير قانوني پئٽرول پئمپ خلاف گڏيل ڪاروائي 4 پئٽرول پمپ سيل

0
237
petrol pump

ڪنڌڪوٽ: رپورٽ عبدالغفارمنگی

ڪشمور ضلعي اندر چيف سيڪريٽري سنڌ جي حڪم تي ضلعي انتظاميه ڪسٽم فورس ۽ پوليس جي غير قانوني پئٽرول پئمپ خلاف گڏيل ڪاروائي ضلعي اندر هلندڙ 04 غير قانوني پئٽرول پئمپ سيل ۔
تفصيل موجب ضلعي انتظاميه، ڪسٽم ڊپارٽمينٽ ۽ پوليس پاران ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي تعلقي ڪشمور اندر ڪاروائي ڪندي 04 غير قانوني پئٽرول پئمپ سيل ڪيا ويا آهن ۽ مالڪن کي نوٽس پڻ ڏنا ويا آهن ۔سيل ڪيل پئٽرول پئمپ ۾ پرنس پئٽرول ايجنسي ، دل جان پئٽرول ايجنسي، المدينه پئٽرول ايجنسي ۽ همت کوسه پئٽرول ايجنسي شامل آهن۔ ياد رهي ته حڪومت پاران پهريان به اهڙيون ڪاروائيون ڪيون ويو آهن جڏهن ته ايندڙ وقت ۾ به غير قانوني ۽ ملاوٽ شده يا وڌيڪ اڳه وٺندڙ خلاف وڌيڪ قانونی ڪاروائي ڪئي ويندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here