عورتن کي هراسان ڪرڻ کي معمولي چوڻ تي ماورا حسين مٿان سخت تنقيد

0
363

ڪراچي: پاڪستاني اداڪاره ماورا حسين مٿان ان وقت سخت تنقيد شروع ٿي وئي آهي جڏهن ان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ هو روڊ تي ڇوڪرين کي  ڇيڙڻ کي معمولي ڳالهه ۽ ڇوڪرن جو مزو چوندي نظر آئي۔

ماورا حسين جي هڪ پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو ۽ همايون سعيد ندا ياسر جي شو ۾ پنهنجي فلم جي پروموشن جي لاءِ آيا آهن. وڊيو  ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ندا ياسر ماورا کان پڇي ٿي ته ڇا ڪڏهن اوهان کي ڪنهن ڇيڙيو.؟ جنهن تي ماورا حسين چيو ته ڇوڪرين کي ڇيڙڻ ته لاهور جو فن آهي ڇوڪرا گاڏين ۾ تيز ميوزڪ لڳائي نڪري ويندا آهن ۽ روڊ تي ڇوڪرين کي ڇيڙيندا آهن مون کي لڳي ٿو ته ان کان سواءِ لاهورين جي عيد نٿي ٿئي. ان ڪري اسان کي ان کي خراب نه چوڻ گهرجي۔

ندا ياسر چيو ته جيڪڏهن اوهان کي ڪير ڇيڙي ته ڇا اوهان کي خراب نه لڳندو جنهن ي ماورا چيو ته  ڪا ڳالهه ناهي مون کي خراب نه لڳندو ڇو ته منهنجي به ته عيد آهي۔

وڊيو جو اهو ڪلپ اتي موجود اداڪارن ۽ ماڻهن جي تاڙين تي ختم ٿيندو آهي پر سوشل ميڊيا صارفين ماروا جي ان ڳالهه کي بلڪل به مذاق ۾ ناهي ورتو، هنن کيس مشورو ڏيندي چيو ته اسان جي فنڪارن کي ڳالهائڻ کان پهرين سوچڻ گهرجي ته اسان ڇا  چئي رهيا آهيون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here