ڏوڪري
ڏوڪريءَ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي، سنڌ ھاري ڪاميٽي جي ڪامريڊ گلاب پيرزادو، ڪميونسٽ آف پاڪستان جي صوبائي سيڪريٽري اقبال، ڪامريڊ ڏامرومل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندڙ اڳوڻن خطاب ڪندي چيو ته وفاق طرفان سنڌ، بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جي خواهش کي ڪنھن به صورت پورو ٿيڻ نه ڏينداسين۔
پاڪستان ۾ شامل صوبا انتظامي يونٽ نه آهن جو وفاق جڏهن چاهي ان جي ڀڃ ڊاهه ڪري، ھي قومي وحدتون آهن ان جي جاگرافيائي حدن جو احترام ڪيو وڃي، صدر طرفان جاري ڪيل ٻيٽن متعلق آرڊيننس کي واپس ورتو وڃي۔
هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ترقي پسند، قومپرست پارٽين سميت سموري سنڌ آرڊيننس خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي ۽ الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن پر جلد ڦيٿاروڪ ھڙتال ڪئي ويندي. جيستائين آرڊيننس واپس نه ورتو ويندو جدوجهد جاري رکي ويندي۔