گرفتار ٿيل عزادار ڪورٽ ۾ پيش، ضمانت بعد آزاد

0
195

ڏوڪري

ڏوڪري پوليس گرفتار ٿيل عزادارن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ڪورٽ عزادار کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو طرفان موڪليل جي آءِ ٽي ٽيم دهشتگردي وارا قلم ختم، حڪم نه مڃڻ جو ڪيس داخل، عزادارن جو ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ 48 ڪلاڪن کان ٿاڻي اڳيان ڌرڻو جاري، ڌرڻي تي انڙ گروپ جي اڳواڻ عدنان الطاف حسين انڙ جي شرڪت، ٽي ڏينهن اڳ ڏوڪري پوليس عزادارن جي گهرن تي چڙهائي ڪري حاجي منظور جلباڻي، امام علي جلباڻي، جماعت اهل سنت سان واسطو رکندڙ پپن ڪنڀر کي گرفتار ڪيو هو. جڏهن ته ڏوڪري پوليس گرفتار ٿيل عزادارن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو۔

ڪورٽ عزادارن کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو طرفان مقرر ڪيل جي آءِ ٽي ٽيم عزادارن مٿان لڳايل دهشتگردي جي قلم تي نظرثاني ڪندي دهشتگردي جا قلم ختم ڪندي انتظاميا جا حڪم نه مڃڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن عزادارن جي آزادي لاءِ 48 ڪلاڪن کان عزادار ڌرڻو هڻي ويٺل آهن، ڌرڻي ۾ انڙ گروپ جي اڳواڻ عدنان الطاف حسين انڙ، اڳوڻو ٽائون چئيرمين لياقت علي سومرو، چئمبر آف ڪامرس جي صدر عبدالحميد جيسر، رئيس مظفر چانڊيو، ذوالفقار علي جتوئي، حبيب ﷲ کوکر شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن عزادارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوڪري پوليس عزادارن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري عزادارن کي حراسان ڪري رهي آهي۔

هنن چيو ته جيستائين عزادارن مٿان داخل ڪوڙ ڪيس ختم نه ڪيا ويندا تيستائين ڌرڻو جاري رهندو. هوڏانهن انڙ گروپ جي اڳواڻ عدنان الطاف حسين انڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان شعيا قوم سان هر ڏک سک ۾ گڏ آهيون، هنن چيو ته ڏوڪري ۾ عزادارن مٿان داخل ڪوڙن ڪيسن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here