وارھ : مظفر قاضي
وارھ جي لطيف ڪالوني ۽ مٺا ڪالوني جي رهواسين پاران بجلي جي سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ ۽ هڪ ٻيو ٽرانسفارمر ڏيڻ لاءِ اڄ ٻئي ڏينهن اي جي پي اڳواڻ محمد صلاح چانڊيو، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اڪبر خاصخيلي، استاد محمد خان سومرو ، عوامي تحريڪ جي منان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ لطيف ڪالوني کان پيادل مارچ ڪري فاضل راهو چونئڪ تي نٽھڻ اُس ۾ 3 ڪلاڪ سخت ڌرڻو هنيو۔
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هميشه پ پ پ وڏي چالاڪي ۽ ڌوڪي سان ووٽ وٺندي آھي پر گذريل چئن مهينن کان محلي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي رڙيون ٿا ڪريون پ پ پ سرڪار هوندي به اسانکي ٽرانسفارمر تبديل ته نه ڪرايو ويو پر هڪ راشي ايس ڊي او ڏنو جنهن ڪري سيپڪو انتظاميا ٽرانسفارمر تبديل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي، هنن الزام هڻندي چيو ته سيپڪو انتظاميا شهر لاءِ ايندڙ نئون ٽرانسفارمر پيسن عيوض دوستي ۾ کپائي ٿي ڇڏي، هنن مطالبو ڪيو ته فورن نئون ٽرانسفارمر ڏياريو وڃي ۽ ايس ڊي او کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو۔