ڏوڪري ۾ جشن عيد الغدير جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو ويو

0
257

ڏوڪري رپورٽ: قاضي فريد

ڏوڪري ۾ جشن عيد الغدير جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو ويو، مرڪزي امام بارگاھ مان جلوس ڪڍيو ويو تفصيل موجب ڏوڪري ۾ الحسيني مرڪزي امام بارگاھ مان عيدالغدير جي حوالي سان مولانا غلام علي عاملي، سرائي امتياز علي ڪولاچي، زوار قاضي وحيد علي، حاجي منظور علي جلباڻي، زيب علي قاضي، زوار حاجي عبدالقادر جلباڻي، زوار فدا حسين ابڙو، حسين بخش ميراڻي، ذاڪر پٺاڻ، زاهد سولنگي، سليم رضا جتوئي، اسلم جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي۔

ريلي سڄي شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهتي، ان موقعي تي ريلي کي اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته آقا محمد مصطفي ﷺ جن حج ڪرڻ بعد مديني شريف واپس اچي رهيا هئا ته خدا پاڪ غدير جي ميدان تي وحي نازل ٿي، وحي ۾ خدا پاڪ آقا محمد مصطفي ﷺ جن کي حڪم ٻڌائيندي چيو ته اي رسول ﷺ اوهان اڄ جيڪڏهن اعلان نه ڪيو ته نبوت جو ڪو به حق ادا نه ڪيو۔ هنن چيو ته وحي جي نازل ٿيڻ بعد نبي ڪريم ﷺ جن غدير جي ميدان تي قافلو روڪيو ۽ جيڪي قافلي اڳتي نڪري ويا هئا ان کي واپس گهرايو ۽ جيڪي قافلي پهتي رهيل هئا انهن جو انتظار ڪيو۔

هنن چيو ته 20 هزار اٺن جا پاکيڙا لهرائي انهن جي اسٽيج ٺهرائي، هنن وڌيڪ چيو ته آقا محمد مصطفي ﷺ مولا علي عليہ السلام جن جو هٿ بلندي هڪ لک 20 هزار حاجين جي ميڙ کي خطاب ڪندي فرمايو ته خدا پاڪ توهان جو مولا آهي، مان محمد ﷺ ﷲ جي طرفان مقرر ٿيل توهان جو مولا آهيان ۽ اڄ کان بعد جنهن جنهن جو به مان مولا آهيان ان جو هي علي عليہ السلام مولا آهي. ان بعد آقا محمد مصطفي ﷺ خدا پاڪ جي درٻار ۾ دعا گهرندي فرمايو ته اي اﷲ تون ان کي دوست رک جيڪو علي عليہ السلام کي دوست رکي، ان کي دشمن رک جيڪو علي عليہ السلام جن سان دشمني رکي. آقا محمد مصطفي ﷺ جن جي اعلان کان بعد خدا پاڪ آيت نازل ڪندي فرمايو ته اي رسول ﷲ ﷺ مان توهان جو دين مڪمل ڪري ڇڏيو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here