سول سوسائٽي مٺي پاران آرمي پبلڪ اسڪول جي شھيدن جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش

0
281

مٺي : سورج آزاد

سول سوسائٽي مٺي پاران آرمي پبلڪ اسڪول جي شھيد ٻارن کي پريس ڪلب مٺي اڳيان شھيدن جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري ۽ گل نڇاور ڪري شاندار ڀيٽا پيش ڪئي جنهن ۾ شھرين واپارين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي ۽ ڀيٽا پيش ڪئي۔

تقريب ۾ سشيل ملاڻي، ڪرشن شرما، ماما وشن ٿري، امن گوماڻي،نندلال لوهاڻو، جي آر جوڻيجو، سراج سومرو، عاشق بجير، نواز قادري، سنجئه مالهي، سنجئه سوني، گووند کتري، ديپڪ شرما، لياقت نهڙي، عطا جوڻيجو، رضوان هنڱورجو، ستار ٻاڪڙ، نرسنگهه سوڍو، عارف شاهه، ڊاڪٽر گوردهن، لجپت راءَ، نظام سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔

انهي موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پشاور آرمي پبلڪ اسڪول جي شھيدن کي ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي سندن خون ڪڏھن رائيگان نه ويندي اڄ هنن جي مشن کي جاري رکڻ جي لاء پنهنجي ملڪ ۾ امن امان جي بهتري جي لاءِ ڪاوشون وٺڻ گهرجن۔

اسان دشمنن کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته اسان تعليم ۽ معاشري جي ڀلائي جي لاءِ پنهنجي جنگ جاري رکنداسين ۽ ترقي ڪري دشمنن کي شڪست ڏينداسين هنن پاڪستان آرمي کي سلام پيش ڪندي چيو ته ملڪ جي فوج ملڪ جي بقا جي ضامن آھن سمورا شھري پاڪ فوج سان هر قدم تي گڏ آھن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here