عيد ميلاد نبي جي موقعي تي ڏوڪري شهر جي جامع مسجد کان هڪ ريلي ڪڍي وئي

0
158

ڏوڪريءَ ۾ جشن عيد ميلادالنبي جي موقعي تي هڪ شاندار ريلي ڪڍي شهر جي بازارن جو گشت ڪيو ويو آهي. عيد ميلاد نبي جي موقعي تي ڏوڪري شهر جي جامع مسجد کان هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. جشن ميلادالنبي جي حوالي سان نڪتل ريلي ۾ شامل شهرين مرحبا يا مصطفي جا نعرا هنيا ۽ شهر جي بازارن جو گشت ڪري جهمريون هڻي پاڪ پيغمبر جي آمد تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ حافظ شوڪت جتوئي، محمد ملوڪ پنهور، قاضي تسليم، ڪاري غلام مجتبي، قاري حبدار علي، حافظ غلام مرتضي حسيني ۽ ٻين ريليءَ کي مختلف هنڌن تي خطاب ڪيو ۽ حضور اڪرم جن جي دنيا ۾ آمد ۽ سندن زندگيءَ جي موضوع تي روشني وڌي.

مقررن جو چوڻ هو نبي سڳوري جي دنيا ۾ آمد سان ڪفر جو ڪارو دور ختم ٿيو ۽ رحمت جي نور جون تجليون ظاهر ٿيون. هنن چيو ته پيغمبر محمد مصطفي  صلي الله عليه وسلم  دنيا ۾ ﷲ جو پيغام پهچايو ۽ انسان ذات کي امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here