ڏوڪريءَ ۾ واپاريءَ جي گهر ۾ هٿياربندن ڀاتين کي يرغمال بڻائي لکين رپين جو سون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار

0
186

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ هڪ واپاريءَ جي گهر ۾ هٿياربند گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي لکين رپين جو سون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، ڏوڪري باءِ پاس ويجهو واپاري ذوالفقار جماليءَ جي گهر ۾ صبح جو چئين وڳي گهري هٿيارن جي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻايو۔

هٿياربند گهر ۾ پيل 10 لک روڪ رقم، 12 تولن کان وڌيڪ سون جا زيور، گهر جي حفاظت لاءِ رکيل هٿيار، ملڪيتن ڪا ڪاغذ ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا، اهڙي واردات بعد علائقي جا پيري، فارنزڪ وٺڻ لاءِ ٽيم ۽ کوجي ڪتا گهرايا ويا آهن۔

اطلاع ملڻ بعد ڏوڪري پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي واقعي جو جائزو ورتو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ شهرين جو پڻ وڏو انگ جمع ٿي ويو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here