قمبر: يوم دفاع جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جي سربراھي ۾ ريلي

0
327

قمبر: (رپورٽ قاضي نياز حسين)

قمبر – پوري ملڪ جيان قمبر ۾ به 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد نبي کوسو جي سربراھي ۾ ريلي ڪڍي وئي، تفصیلات موجب : ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد نبي کوسو جي سربراهي ۾ يوم دفاع پاڪستان جي حوالي سان گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول قمبر کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي شھيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب تائين پھتي جنھن ۾ ضلعي جي مختلف ادارن جي آفيسرن، سول سوسائٽي، سياسي سماجي، استادن اسڪولي ٻارڙن سان گڏو گڏ اسڪائوٽس ۽ انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ملازمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زنده آباد ڪشمير بنے گا پاڪستان جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ ھيان ويا ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد نبي کوسو چيو ته شھيدن جون لازوال قربانيون روشن مستقبل جون ضمانت آھن يوم دفاع ملھائڻ جو مقصد ملڪ جي نظريي جو تحفظ ڪرڻ آھي پاڪستان جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندڙ اسان جا ھيرو آهن اسان جي جوانن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي دشمن جي نا پاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو پاڪستان جو ھر فرد پنھنجي ملڪ جي دفاع لاءِ ھر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر قمبر منور علي سومرو ۽ ٻيا ضلعي جا آفيسرن سميت سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ پڻ موجود هئا ۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here