سرڪاري واڪي ٽاڪي تي ڳالهائيندڙ نوجوان وارو واقعو، نوجوان ايس ايڇ او جو پٽ نڪتو

0
261

لاڙڪاڻو (رپورٽ : غلام مهدي لنڊ) سرڪاري واڪي ٽاڪي تي ڳالهائيندڙ نوجوان وارو واقعو، نوجوان ايس ايڇ او خادم مگسي جو پٽ نڪتو، خبرون لکڻ تي مگسي ايس ايڇ او جو پٽ صحافي مٿان ڏمرجي سوشل ميڊيا تي گارگند ڪرڻ لڳو، تفصيل موجب ڪجهه ڏينهن اڳ سيشن ڪورٽ ٻاهران نوجوان نفري سان گڏجي سرڪاري واڪي ٽاڪي هٿ ۾ ڪري گهمي رهيو هيو۔

سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش نوٽيس وٺندي ايس پي هيڊ ڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو هو جنهن بعد پوليس ترجمان موجب نوجوان ايس ايڇ او خادم مگسي جو پٽ نڪتو جنهن تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو سندس کي سسپينڊ پڻ ڪيو. اهڙي خبر لکڻ تي صحافي غلام مهدي لنڊ کي ڌمڪيون ملڻ لڳيون. صحافي غلام مهدي لنڊ ميڊيا سان ويچار ونڊيندي چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش کي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اهڙي قسم جون حرڪتون ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو ته ملندڙ ڌمڪين جو نوٽيس ورتو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here